صفوران ديهه

صفوران (ديهه): ڪراچي جي هڪ ديهه جيڪا تپي ڊرگهه روڊ ۾ آهي. ديهه جي نالي بابت عام خيال آهي ته اهو نالو موکي جي ڀيڻ ‘صفوران’ جي نسبت سان پيل آهي. هن ديهه ۾ گلستان جوهر واري علائقي کان وٺي ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ان کان اڳتي ريلوي لائين تائين، اوڀر واري حصي ۾ ريس ڪورس کان ماڊل ڪالوني ۽ اولهه واري حصي ۾ نئن آمري جي دنگ تائين وارا علائقا شامل آهن. هن ديهه جي ڏکڻ ۾ ريلوي لائين (ڪراچي- ڪوٽڙي)، اوڀر پاسي ديهه ٿاڻو ۽ ديهه مهراڻ، اتر پاسي ديهه دوزان، اتر- اولهه پاسي ديهه ڳجهڙو ۽ اولهه پاسي ديهه اڪيواري (اُڪيواڙي) جون حدون لڳن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو